ڀنڀريءَ جو ڀِڙو

ڀنڀريءَ جو ڀِڙو: هي ڀڙو تعلقي عمرڪوٽ جي ديهه ”کَيرل“ ۾ آهي. هن ڀڙي تي آڳاٽي وقت ۾ ڀنڀرا قبيلي جا ماڻهو رهندڙ هئا. هتي ننڍڙو قبرستان به آهي، جنهن کي ”ڀنڀريءَ جو قبرستان“ سڏجي ٿو. هڪ روايت موجب هتي هڪ عورت، مائي ڀنڀري نالي، وڏي ڄمار ماڻي فوت ٿي وئي، جنهن جي قبر به ڀڙي تي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو